آصف مھدي

آصف مھدي

آصف مھدي

آصف مھدي: مشھور غزل گائڪ آصف مھديءَ جو پورو نالو آصف جاويد هو. هن 24 جولاءِ 1968ع تي نامور غزل گائڪ، مھدي حسن جي گهر ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل راجستان جا هئا، جتان ورهاڱي وقت لڏپلاڻ ڪري ڪراچيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪيائون. آصف مھديءَ موسيقيءَ جي سکيا پنھنجي والد ۽ چاچي غلام قادر کان ورتي. آصف مھدي ’غزل‘، ’ڪلاسيڪل موسيقي‘، ’نيم ڪلاسيڪل موسيقيءَ‘ کان علاوه اُردو فلمن لاءِ به گيت ڳايا، جنھن تي کيس پاڪستان فلم انڊسٽري جو وڏي ۾ وڏو ’نگار‘ اوارڊ ۽ ٻيا پڻ مليا. آصف مھدي، ڦڦڙن جي تڪليف سبب 2 آگسٽ 2021ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ آصف مھديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.07.24  عيسوي

مشھور غزل گائڪ آصف مھديءَ جو پورو نالو آصف جاويد هو. هن 24 جولاءِ 1968ع تي نامور غزل گائڪ، مھدي حسن جي گهر ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.


2021.08.02  عيسوي

آصف مھدي ڦڦڙن جي تڪليف سبب 2 آگسٽ 2021ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد احمد علي ٻرڙو
آصف چارڻ
شمن علي ميرالي
استاد نياز حسين
صدر فقير لنجواڻي
استاد مبارڪ علي خان
مريد عباس
ٻالڪ سنڌي
پٺاڻي خان
بينجمن سسٽرز
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون